ڀائو در محمد ٻرڙو  پبلڪ لائبريري قنبر

ڀائو در محمد ٻرڙو پبلڪ لائبريري قنبر

ڀائو در محمد ٻرڙو پبلڪ لائبريري قنبر

ڀائو در محمد ٻرڙو پبلڪ لائبريري قنبر: ڀائو در محمد ٻرڙو ٽرسٽ )رجسٽرڊ) پاران 2005ع جي شروعات ۾ قنبر جي مشهور سماجي اڳواڻ ’ڀائو‘ در محمد ٻرڙي جي نالي سان پبلڪ ٽرسٽ لائبريريءَ جو بنياد وڌو، ٽن سالن جي عرصي ۾ هن لائبريريءَ ۾ هزارين علمي، ادبي، سائنسي، سماجي ۽ مذهبي موضوعن تي ڪتاب گڏ ٿيا، روزانو 200 کان وڌيڪ نوجوان ۽ وڏا مطالعي لاءِ ايندا رهيا. روزانو سنڌي، اردو ۽ انگريزي 20 اخبارون اينديون هيون. ان کان سواءِ ايئر ڪنڊيشن ۽ ڪمپيوٽر جي سهولتن سان گڏ فيڪس، فوٽو اسٽيٽ ۽ اليڪٽرانڪ واٽر ڪولر جون سهولتون به هن لائبريريءَ ۾ موجود هيون. 27 ڊسمبر 2007ع تي محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ ڪن شرپسند ماڻهن 28 ڊسمبر 2007ع تي هن لائبريريءَ کي به نشانو بنائي ساڙي ڇڏيو، جنهن کي علمي ادبي حلقن ننديو ۽ ساڃهه وند شخصيتن مضمون لکيا، جنهن سان لائبريريءَ جي روح روان ڀائو در محمد ۾ ٻيهر اتساهه پيدا ٿيو ۽ جنوري 2011ع ۾ ٽرسٽ پنهنجي مدد پاڻ هيٺ پي. پي. ايل ۽ ٻين سماجي ۽ ادبي خدمتگار ادارن ۽ شخصيتن جي سهڪار سان هي لائبريريءَ عمارت جديد نموني ٺهي چڪي آهي. جڏهن ته ان جي ٻي ۽ ٽين منزل جي اڏاوت اڃا رهيل آهي. هن وقت لائبريري ۾ وري هزارين ڪتاب گڏ ٿي ويا آهن. ڪميشن جي امتحان جي تياريءَ لاءِ روزانو ڪيترا نوجوان اچن ٿا. لائبريري چئن حصن ۾ ورهايل آهي. (1) ڪميشن جي امتحان جي اميدوارن لاءِ هال (2) عام ريڊنگ هال (3) نيوز پيپر هال (4) ڪمپيوٽر ليب، شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو